SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


چوڏهن نُڪتا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


چوڏهن نُڪتا

Fourteen Points

فورٽين پوائنٽس

آمريڪي صدر ’ووڊرو ولسن‘ طرفان پهرين عالمي جنگ جي خاتمي ۽ دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ آمريڪي ڪانگريس اڳيان، اهي نُڪتا هڪ تقرير جي شڪل ۾ 18 جنوري 1918ع ۾ پيش ڪيا ويا. انهن نُڪتن جي خاص مقصدن ۾ (1) ڳُجهن معاهدن کان پرهيز۽ کليل سفارتڪاريءَ کي ترجيح، (2) سمنڊن ۾ آمدرفت جي آزادي، (3) هٿيارن جي عام گهٽتائيءَ تي زور، (4) واپاري/ڪاروباري رڪاوٽن کي هٽائڻ (5) هٿيارن جو انگ گهٽائڻ ، (5) بيٺڪن بابت اڻ- ڌُريي طريقي سان فيصلا ڪرڻ ، (6) روسي علائقي ۾ موجود جرمن فوج جي واپسي ۽ روس ۾ اُتان جي ترجيح موجب سياسي سرشتو قائم ڪرڻ جي پڪ ڏيڻ ، (7) جنگ کان اڳ جي پوزيشن مطابق بيلجيم جي جُدا حيثيت مڃڻ ، (8) فرانس کي مڪمل طور تي آجو ڪرائڻ ۽ جرمنيءَ جي قبضي هيٺ آيل سندس علائقن ’ايلسيس‘ ۽ ’لورين‘ کي واپس فرانس حوالي ڪرڻ ،(9) اٽليءَ جي حدن کي واضح ڪندي اٽليائي ٻولي ڳالهائيندڙ هر شهريءَ کي ان ملڪ ۾ رهڻ جو حق ڏيڻ ، (10) بلقاني رياستن کي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو حق ڏيڻ ، (11) ترڪي ٻولي ڳالهائيندرن کي تُرڪ حڪومت جو اختيار ڏيئي غير تُرڪ رياستن کي ترڪ سلطنت مان آزاد ٿيڻ جو حق ڏيڻ (12) سامونڊي ڪنارو رکندڙ آزاد پوليائي رياست جو قيام ، (13) دنيا جي رياستن کي سياسي ۽ علاقائي سلامتي مهيا ڪندڙ اداري ’قومن جي انجمن‘ جو قيام ۽ (14) مُختلف قابض مُلڪن طرفان بيٺڪن مٿان ٿيندڙ دعوائن بابت ڪنهن گڏيل راءِ تي پهچڻ شامل هو. انهن چوڏهن نُڪتن منجهان نَوَ نڪتا ته رڳو يورپ اندر ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ بابت هُئا. جنهن جي نتيجي ۾ جرمني جنگبنديءَ لاءِ تيار ٿيو . ان کانسواءِ اهي نُڪتا عالمي سطح تي گڏيل تنظيم بنائڻ لاءِ پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيا ۽ نتيجي ۾ League of Nations جو ادارو وجود ۾ آيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ خود آمريڪا ئي ان اداري جو ميمبر ٿيڻ کان انڪار ڪيو. ان هوندي به بين الاقوامي لاڳاپن ۾ آمريڪا جي طرفان اها پهرين سنجيده پيش قدمي هئي. نظرياتي طور تي صدر ولسن جو اهو خاڪو بين الاقوامي سرشتي ۾ خيال پرست مُفڪرن جي حوالي سان بنيادي خاڪي جي حيثيت رکي ٿو


Remember Me Also:

ٻانٺ

ذ. صفت. مُنهن رکو ماڻهو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal